لطيفي ذڪر
 


ذڪر عربي زبان جو لفظ آهي ، جنهن جي معنى آهي، بار بار ياد ڪرڻ، اسان جي سنڌي زبان ۾ ذڪر لفظ جي معنى ڪنهن جي ڳالھه ڪرڻ کي به ذڪر چئجي ٿو،هر ٻولي جو پنھنجو گرامر هوندو آهي ۽ ان جو مطلب به الڳ هوندو آهي،”ڪچھري ۾ ٿوري دير اڳ اوهان جو ذڪر هلي رهيو هو، “هي جملو اسان جي زبان تي اڪثر هوندو آهي ، صوفين جي فلاسفي ۾ ذڪر سان گڏ هڪ اکر فڪر به چيو وڃي ٿو، فقيرن جو چوڻ آهي ته ذڪر لوڻ برابر ۽ فڪر اٽي برابر هجڻ گھرجي، جي بلڪل ذڪر ۽ فڪر جو پاڻ گھرو تعلق آهي، انسان جنھن موضوع سان دلچسپي رکندو آهي، ان موضوع کي بار بار ورجائيندو آهي، مراد ته اِها آهي، جنھن کي ياد ڪريو ٿا ان کي پسند به ڪري ٿو، نت ياد ته انکي به ڪبو جنھن سان نفرت هجي، نفرت جو يادگيريون دماغ ۾ محبت جي ياد دل ۾ هوندس آهي، پر ذڪر جو لفظ پيار ۽ محبت ڪندڙ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي، پر صوفين ذڪر جو لفظ الله سائين کي ياد ڪرڻ لاء چيو آهي، الله جي بزرگن ذڪر، فڪر ،مراقبي ۽ شريعت جا پابند رهيا، ذڪر جو لفظ پاڪ ڪتاب قرآن مجيد ۾ 117 دفعه آيو آهي، ذڪر ڪرڻ لاء بيعت ڪرڻ ،کي صوفيا اڪرام لازمي قرار ڏنو آهي، يعني جيڪي اوهان کي ، اوهان مرشد ذڪر تلقين ڪري ڏئي ٿو، اُهو اوهان جو ذڪر آهي، ارشاد خداوندي آهي ته،( اي پيغمبر جيڪي اوهان جي هٿ تي بيعت ڪن ٿا، اُنھن جي هٿ مٿان الله جو هَٿ آهي ) ٻئي جڳهه تي فرمان جو مفهوم آهي ”ته الله تعالى تائين پھچڻ جو رستو تلاش ڪريو،“ الله سائين جي پيارن ٻانھن زندگي جون خواهشون ترڪ ڪري، ڏکيائين کي سيني سان لائي مالڪ سائين کي راضي ڪرڻ جا وڏا جَتن ڪيا آهن، قليل زندگي جو سفر آسان ڪرڻ لاء نفساني لذتن جو دڳ بند ڪيو آهي، فقيرن جي هر خواهش ۽ منزل جو رخ انھي باري رب جي طرف ڪيو آهي، ٻيا انسان آرام جي تلاش ۾ لذتن رستا ڳولين ٿا، پر فقير انھي راهه جي تلاش نه ڪندا آهن، فرمان قادر ڪريم جو ٻئي هنڌ آهي آيت جو مفهوم ته، (پيغمبر انھن کي فراموش نه فرماء جيڪي مون رب کي هر وقت ياد ڪندا رهنداآهن). ايتري عزت رب سائين ذڪر ڪرڻ وارن کي ڏي ٿو، حضرت سيد شاهه عبدللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته


کاهوڙين ”خفي“ کان سوجھي لڌو سبحان
عاشق اهڙين اکرين لنگھيا لامڪان
هُو ۾ گڏجي هُو ٿيا، بابو سي بريان
سڀوئي سبحان، آيو نظر ان جي

سائين جن فرمائين ٿا ته کاهوڙ ي يعني جفاڪش، پر اُهي جفا ڪش جيڪي مالڪ سائين جي تلاش لاء زندگي وقف ڪن ٿا، خفي کان سبحان ڳولي لڌوآهي، ”خفي“ ذڪر جو قسم آهي، ذڪر جا ته ٻيا قسم آهن پر مشھور هي قسم آهن، جَلي ذڪر، خفي ذڪر، مراقبي جو ذڪر وغيره، جلي ذڪر زبان سان وڏي آواز سان ڪيو ويندو آهي، خفي ذڪر خيال سان ڪجي ٿو ۽ مراقبي جو ذڪر هڪ صاف سٿرو ڪپڙو مٿان پائي ذڪر ڪيو ويندو آهي، مراقبي جي ذڪر ۾ مرشد جو تصور قائم ڪيو ويندو آهي، مراقبي جا به قسم آهن، جن بابت وري ڪڏهن ٻئي ڪنھن مھل تفصيلن ڳالھائبو، اسان جي هنڌ و پاڪ ۾ هي چار مشھور صوفي سلسلا مشھور آهن، پر لطيفي طريقي بابت گھٽ معلومات آهي
آهي، پنجون صوفي لطيفي طريقو، هنن صوفي سلسلن کانسواء ٻيا به صوفين ۾ طريقه آهن پر مشهور چار آهن، مثال طور مالامتي صوفي جن مشهور بزرگ ذوالنون المصري باني آهي ، ابن تعفور بسطامي به انھي مالامتي سلسلي جا پيروڪار آهن، لطيفي طريقي ۾ هنن سڀني طريقن جو نچوڙ آهي، شريعت، سماع، ذڪر، راڳ ، مراقبو ۽ مالامتي صوفين جو طريقو به شامل آهي.


جي ڀائنين جوڳي ٿيان، حال فقيرن جو هيء
هُو گار ڏيئي گوء مان، تو ن جوڌون چئو جيء
ڪاوڙ جا قلوب جي، پاڻي وانگر پيء
سندو سورن سيء، لڳئي ڪون لطيف چئي

پھريون، صوفي چشتي طريقو جو تعلق خراسان سان آهي ،هي سلسلو ابو اسحاق سان وابسطا آهي،هي فقير ممشاد دينوري جو مريد ۽ خليفو پڻ هو، فقير ابو اسحاق جي وفات جو سال392 هجري بمطابق 940ع آهي، صوفي چشتي طريقي ۾ ذڪر الله الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، هن صوفي طريقي ۾ راڳ قوالي پڻ چيو ويندو آهي ، ذڪر ۽ فڪر جا قائل فقير روز به روز صوفي قوالين جون محفلون مچائي روحاني تسڪين جي لاء قوالي جو سماع ڪندا رهندا آهن، فقيرن زندگي آرام کان وڌيڪ الله جي ذڪر کي اوليت ڏني آهي، جن جَھرن جھنگن ۾ زندگي بصر ڪري خالق اڪبر جي رضا تي رهيا آهن، جئين سائين جن فرمايو آهي ته


جُھد ڪيائون جبلين، لِڪي منجھه لَڪن
سجايا دم عمر جا، کنيا کاهوڙين
پر ۾ پساهن، هليائون حق ڏي

ٻيو صوفي سھروردي طريقو ؛ هن طريقي جو بنياد حضرت شھاب الدين سھروردي آهي، 1153ع کان 1191ع وارو وقت آهي،سندس مرشد حضرت شيخ عبدالنجيب عبدالقادر سھروردي رکيو، سندس ڪنيت ابوالنجيب۽ لقب ضياالدين۽ جنيب الدين هو، پاڻ سن 491هجري سھرورد ۾ ڄاوا. سن 568 هجري ۾ وصال ڪيائين، سڄي زندگي الله تعالى جي لاء عبادت ڪندا رهيا،سھروردي طريقه ۾ ساهه کي بند ڪري الله الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي،۽ قرآن پاڪ جي تلاوت وڏي سان آواز ڪندا آهن،هن سلسلي ۾ جَلي ۽ خفي ٻئي ذڪر رائج آهن، شرعي ڏس ۾ هي فقير تمام گھڻا محتاط آهن، محفل سماع جو رواج سھروردي طريقه ۾ تمام گھٽ آهي، هن سلسلي وارن فقيرن جي طبيعت جلالي هوندي آهي، صوفي سلسلن ۾ فقيرن خانقاهون جوڙي ادارن جئيان درس ڏنا جئين انسان کي اصلي حقيقي راهه ملي سگهي، فقر جي راهه جا فقير هميشه ٻين ڪاڻ جئيندا آهن، فقير پنھنجي نفس تي قابو پائڻ لاء دنيا جي لاهن چاڙهن کان الڳ رهن ٿا، پر هميشه به ائين نه هوندو آهي، هُو مشاهده ڪري ٻين تائين بھتري جي راهه هموار ڪندا آهن،


کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين
اوسيڙو آهي ، کاهوڙين اڳين پنڌ جو

ٽيون صوفي نقشبندي طريقو ؛ هن صوفي، طريقي جو اڳواڻ حضرت بھاوالدين بخاري نقشبندي آهي،سندي پيدائش نومبر 1327ع تي ٿي۽ وفات 21 فروري 1390ع بمطابق 728هجري ۾ پيدا ٿيا، نقشبند لفظ جي معنى مصوري مان نڪتل آهي، ان جو مطلب آهي ته روحانيت جو بھترين نقشو چٽيندڙ آهي، هن صوفي سلسلي ۾ شريعت جو خاصو خيال رکيو ويندو آهي، نقشبندي فقير مراقبو به ڪندا آهن، تسبيع جي ذريعي ذڪر پڻ ڪيو ويندو آهي، ان سلسلي ۾ الله الله جو ذڪر ۽ سبحان الله جو ذڪر ويندو آهي،


پيو جن پرو ، گنجي ڏونگر گام جو
ڇڏي کيپ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا

چوٿون صوفي قادري طريقو؛ هن صوفي طريقي جو باني حضرت شيخ ابو محي الدين ابو محمد عبدالقادر ابن ابي صالح موسى جيلاني آهي، سندس والادت مبارڪ 490 هجري بمطابق 1077 عيسوي ۾ ٿي، ۽ سندس وفات 561 هجري ڌاري ٿي ، قادري طريقي ۾ به ٻه طريقه آهن،پھريون قادريه عاليه ۽ ٻيو قادري طريقو آهي، هن سلسلي ۾ سَت ذڪر جا طريقه آهن،لاالله، الاالله ، الله هُو، هُوهُو، جا ذڪر ڪيا ويندا آهن،مراقبي جي به هن سلسلي ۾ تمام گھڻي اهمت آهي، سماع ۽ قوالي جو رواج نه آهي،


ميران شاهه مدد ٿي، محي الدين ملھي
آهي عبداللطيف جو ،وسيلو ولي
حَسني پير هلي، ڪر ڪا ماڙ مريد تي

پنجون صوفي لطيفي طريقو؛ سائين حضرت سيد سائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن 1102هجري ڌاري ڀنئين پور ۾ ڄاوا، وصال1105هجري 14 صفر تي ڀٽ شاهه ۾ ٿيو،سائين کان اڳ پيري مريدي جا سلسلا ته هئا، پر روحاني تعليم جو ڪو به مڪتب نه هو ، سنڌي ٻيا سائين کان اڳ شاعر به هئا، انھن شاعرن جا هٿ فڪر لطيف جي پيرن تائين نه پھتا آهن ، نه وري ڪنھن جا پھچندا، هي لطيف سائين جي شاعري الھامي پيغام آهي، جئين هي مٿي ذڪر ڪيل صوفي سلسلا هڪ ٻئي مان نڪتل آهن، اهڙي طرح لطيفي طريقو قادري جو حصو ته آهي پر لطيفي سماع ، لطيفي راڳ ،احديت جو ذڪر اڳ قادري طريقي ۾ نه آهي، انھي ڳالھه مان ثابت آهي ته سائين سرڪار جو طريقو نج پنھنجو صوفي احديت جو طريقو آهي، جنھن کي اوهان لطيفي طريقو به چئي سگھو ٿا،سائين جي سماع جي ذڪر ۾ شاهه سائين جا فقير پھرين احديت جي ذڪر ”ها احد“ ۽”الله احد“جون ضربون هٿ مٿي ڪري دل ڏانهن اشارو ڪري ذڪر ڪن ٿا، راڳ ۽ سماع گڏ سڀ کان پھرين شريعت جو خيال رکيو ويندو آهي، راڳ سکڻ لاء لازمي هوندو هو ته اوهان شريعت جا پابند هجو،شريعت جو خيال رکڻ لاء جماعت ۾ سائين جي طرفان فقير مقرر هوندا هئا ته جئين نون فقيرن کي شرعي آداب سيکاري سگھجن، ذڪر جي وائي وارو طريقو به اڳ ڪنھن فقير متعارف نه ڪرايو هو، لطيفي جماعت ۾ پيار محبت جو وڏو هٿ آهي، هڪٻئي جي عزت ڪرڻ ، سڄڻ ،سڄڻ ڪري پڪارڻ عام آهي ،لطيفي جماعت جا فقير اڳ سڀ وڏي اوطاق تي رهندا هئا، جيڪي پنھنجي زندگي آخري ڏينھن وڏي اوطاق تي گذاري پنھنجي مرشد سان وفا جو درجو مٿاهون ڪري ويا، سائين جو سماع ، ذڪر ، راڳ اڃان تائين قائم آهي، هن لطيفي سلسلي جو تعلق انسان کي مالڪ سائين سان ملائي ٿو، سائين جي طريقي ۾ اهم ڳالھه اَها آهي ته قادري طريقي ۾ راڳ نه هو، هي لطيفي راڳ اُهو راڳ آهي جيڪو اڳ قادري ۾ نه هو، جڏهن ته دنياوي راڳن ۾ نفساني اُڀار اچي ٿو، لطيفي راڳ جي تندن جو تعلق روح سان آهي ، دنبوري جي تندن ۾ ”تون“”تون“ آواز انسان جي دل جي صفائي ڪري ٿو،


قوت ڪڙائيا ڪاپڙي ، بُک چکيائون بوء
ويا نيرانا نڪري ،جوڳي مٿي جوء
اَوَسر آجا اُوءِ، اُٺي گوندر گڏيا