وايون
 

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي راڳ ۾ وايون چئن قسمن جون آهن.


1ـ ذڪر جون وايون :
ذڪر جي وائي اڳواڻ فقيرمسافري ۾ آڌي رات جو ڳائيندو آهي ان سان گڏ ٻيا فقير الله هُو جون ضربون هڻندا آهن. ان وائي کي ذڪر جي وائي چئبو آهي . ذڪر جي وائي مخصوص موقعن تي آلاپي ويندي آهي.


2ـ ڏيڍي وائي :
هي وائي دنبوري جي ٽيپ تند کان يا زبان تند کان شروع ٿيندي آهي جنهن جو هڪ ڌڪ خالي ٿاري تي لڳندو آهي ، هن وائي کي ڏيڍي وائي چئبو آهي.


3ـ دوتالي وائي :
دوتالي وائي جي لئي ، ڏيڍي وائي کان ڪجهه تيز هوندي آهي ، هن وائي جو خالي ڌڪ ٿاري تي نه لڳندو آهي ، هن وائي کي دوتالي وائي چئبو آهي.


4ـ ڇيڙ جي وائي :
ڇيڙ جي وائي اڳواڻ واضح لفظن سان ڳائيندو آهي. جيئن ته هي وائي ذڪر جي وائي سان ملندڙ آهي ذڪر جي وائي ۽ ڇيڙ جي وائي جا لفظ واضح ۽ چٽا هوندا آهن ، دو تالي ۽ ڏيڍي وائي جا لفظ تندن جي گرامر ۾ هوندا آهن. جيڪي واضح ۽ چٽي نموني سان سمجهي نه سگهبا آهن.