وڏي اوطاق
 

..............

اسان جي سونھاري سنڌ جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جو اهڃاڻ اوطاق کي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو،سنڌي تھذيب لاتعداد خوبين سان ڀريل آهي،انھن خوبين مان اوطاقي ماحول پڻ هڪ آهي، پر اسان اڄ وڏي اوطاق جي ڳالھه ڪريون ٿا، اوطاقون ته سرزمين سنڌ ۾ لاتعداد آهن پر وڏي اوطاق پوري سٻاجھي سنڌ ۾ هڪ آهي، مرشد سرڪارحضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي حياتي جو وڏو حصو سير وسفر ۾ گذريو، پر جڏهن اچي هالا شهر جي ويجھو رهيا ته ان وقت جي بااثرن اتي سائين کي رهڻ نه ڏنو، اڃان هي جڳھه سائين جي نالي سان منسوب آهي،اتي هڪ آستانو آهي،هڪ عدد پاڻي جو کوهه ۽ هڪ مسجد شريف هڪ چارديواري ۾ گھاٽن وڻن سان گڏ موجود آهي انھي مسجد کي (قبي واري مسجد) مقامي پاڻهو چون ٿا، جيڪي اڃان تائين موجود آهي، کوهه ۽ مسجد جي تعمير سائين جن پاڻ ڪرائي هئي، مرشد سرڪار کي هڪ گھاٽي جھنگ هاڻوڪي ڀٽ واري دڙي ڏانهن موڪليو ويو، ڪن روايتن موجب شينھن وارو دڙو چيو ويندو هو، پر جڏهن مرشد سائين جن آيا ته اتي جا جانور اهو دڳ ڇڏي وڃي ڪنھن ٻئي ماڳ جا واهي ٿيا،

لٿو ڏيھه ڏُڪار، جُنگ ساماڻي جَکري

حضرت لطيف سائين جن مستقل اُتي رهڻ لڳا ته سندس والد بزرگوار حضرت سيد حبيب شاهه ڀنئين پور مان لڏي اچي رهيا، ڀنئين پور موسي کٽياڻ کان سليمان کٽياڻ جي وچ تي آهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي جنم واري جاء تي وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلھوڙي هڪ مسجد جوڙائي هئي ،اُها مسجد پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ موجود آهي ، اڪثر سائين جي جنم واري هالا حويلي چيو وڃي ٿو، پر اتي ڪو اثار موجود نه آهي، پر هالا حويلي جي ڀر ۾ هڪ تڪيو ڪنهن فقير آهي، جنهن بابت اها روايت آهي ته اُتي سائين جن هِتي آيا هُئا، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي واري جي ڀٽ تي اچي رهيا ته فقيرن هڪ آستانو جوڙايو هو، سائين جن اُتي حويلي ٺاهي رهڻ لڳا، جنهن کي وڏي اوطاق چيو وڃي ٿو، هي وڏي اوطاق جيڪي سنڌي تاريخ جي پھرين خوانگاهه ثابت ٿي، جتي مڪمل سائين هڪ نظام جو افتتاح ڪيو، جتي ڪابل کان وٺي

عربستان جي فقير اچي هِتي رهڻ شروع ڪيو،
ڪي اوتين عرب ۾، ڪي ڪابل ۾ ڪَتَن

ن خوانگاهي نظام جو هوڪو جھرجھنگ هلڻ لڳو، ڇو ته هِتي مڪمل نظم وضبط وارو ماحول هو، هر انسان کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، لطيفي طريقت ۾ هڪٻئي جي عزت ڪرڻ لازم هئي، سڄڻ جي لفظن سان هڪٻئي فقير پڪاريندا هئا، هي اُها درسگاهه هئي جتي انسان کي انسانيت جا گُر الله تعالى جي عبادت سان گڏ سيکاريا ويندا هئا، پنھنجي فقيرن کي اولاد جي حيثيت سان پيار ڪرڻ فقيرن لاء قابل فخر هو،ايڏي وڏي هستي ايتري پيار سان پنھنجي فقيرن کي ڏسي باقي انهن کي ڇا گھرجي؟ بس فقيري رنگ ۾ محبت جو مان مٿي آهي راهه فقر جا هي فقير پنھنجي مرشد آقا سان اڃان تائين سڪ جو ناتو نڀائي رهيا آهن، هنن فقيرن جي نگراني هيٺ وڏي اوطاق رهي، فقير تمر، فقيرميون ڪمال پٽ،ميون يعقوب شهيد،ميون اسماعيل،فقير عبدالله، فقيرلائق ڏنو (اول)،فقير ميهار، فقير لائق ڏنو (دوم)۽ موجوده فقير علي ڏنو، هنن فقيرن کان علاوه ڪجھه ٻين فقيرن بابت به چيو وڃي ٿو، مائي نعمت (ٺوڙهي ) بابت چيو وڃي ٿو، مائي نعمت هڪ رسالو پڻ لکرايو، ۽ شاهه سائين جي راڳ جي راڳي پڻ هئي، ڪن روايتن موجب مائي جو دور يعقوب شهيد جي کان اڳ وارو دور آهي، مائي نعمت جي آخري آرمگاهه حضرت تمر جي پيراندي کان آهي ،تاريخ جي ورق تي ايتري ته دز جو ڇا چئجي؟ ٽه سو ساله تاريخ به اسان کي ميسر ناهي، درگاهه شريف تي فقيرن جي مقبرن جي سڃاڻپ واريون تختيون غائب آهن، وڏي اوطاق جي جو وسيع تر ميدان آهي، اڱڻ جي اڳيان هڪ کٻڙ جو وڻ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هي وڻ مرشد سرڪار جي دور جو وڻ آهي، هن وڻ جي هيٺان هڪ پاڻي جي مٽي رکيل هوندي هئي ، پر هن وقت پاڻي جي ٽانڪي ٺھيل آهي، ان جي سامهون اتر طرف هڪ ڀانڊار خانو آهي، آيل فقيرن رسومات لاء نگر تيار ڪيو وندو آهي، ان ڀانڊار خاني سان لڳو لڳ هڪ وڏو صفو آهي ان ۾ ٻه در آهن، جنهن راڳي فقير ۽ زائرين آرام ڪندا آهن، جنهن کي (ٻه درو) چوندا آهن، ان سان گڏوگڏ هڪ نئين دور جو صحن آهي، ان صحن جي پوئين پاسي مرشد سرڪار جي آسڻ جي جڳهه آهي، جتي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن رهندا هئا، اتي هڪ مچ واري جاء آسڻ سان گڏ آهي، هي بند هڪ ويرانڊي نماء آهي ، ان سان گڏ تجر واري ڪوٺي آهي ، جنهن ۾ فقير دنبورا رکن ٿا۽ حضرت سيد شاهه سائين جي جاء نماز آهي، ان جي ڀر وارن ڪوٺين راڳي فقيرن جي راڳ جي استعمال جو سامان آهي ، پيڙا ، بسترا وغيره آهن، هڪ ڪمري جو دروازو ذڪر ڪرڻ کان پوء کوليو ويندو آهي، ان روم جي ڀر ۾ رٻ واري ڪوٺي آهي، هر سھائي سومار رات رٻ جو نگر ذڪر سماع کانپوء ورهايو ويندو آهي، اولھه پاسي مسافرن لاء هڪ وڏو مسافرخانو آهي، جتي مسافر اچي آرام ڪندا آهن، شاهه جا فقير راڳ کان اڳ هِتي ايندا آهن،وڏي اوطاق تي سھائي سومار رات جو ذڪر جو حلقو لڳندو آهي، ان کانپوء سماع لاء فقير درگاهه شريف تي روانا ٿيندا آهن،عيد ۽ عرس شريف تي پڻ لطيفي احديت جو ذڪر ڪيو ويندو آهي،

(ذ)ذالئون ذڪر رب جو ،ويل نه ويسارين
سنياسي سبحان کي، سدائين سارين
تسبيع جي ترار سين، مُلحد کي مارين
”جزآ هم عند ربهم“ اتي اختيارين
پر چڱي پارين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي

وڏي اوطاق جي سنڀال ته سائين تمر فقير کي ڏني پر اتي ٻين فقيرن تي به ذميواريون رکيون ويون هيون، انهن فقيرن مان ڪجھه فقير جا نالا هي آهن ،فقير عارف ٿيٻو جو ڪم فقيرن کي نماز ۽ ذڪر سيکارڻ هو،فقير محمد رحيم لک پڙهه جو ڪم ڪندو هو، فقير عالم ڏيري تي سماع جي ذڪر سارسنڀال ڪرڻ هئي، فقير وڳند تي به وڏي اوطاق جي سار سنڀال رکيل هئي،فقير عبدالجميل انڙ تي مرشد سرڪار جي خاص ذڪر ۽ نماز جي سامان جي سنڀال رکيل هئي،فقير بچو تي وضوع ڪرائڻ جي ذميواري هئي، فقير عمر سهتو سرڪار سان هميشه گڏ رهندو هو،فقير قاسم جو ڪم حجامت سنڀالڻ هو،فقير احمد سمون ”چنگل“ سائين جي گهوڙي جي سنڀال،فقير رهمون کاڌي پيتي جي ذميواري،فقير عنايت ڏيري تي اُٺ جي سواري سنڀال، فقير وهيون ڪتن جي سنڀال ڪرڻ ۽ فقير صالح ٿيٻو فارسي جو جو ماهر ، هي فقير عارف فقير جو پٽ هو ۽فقير عبدالواسع،فقير سکر ڏيرو،فقير اسماعيل سمون،فقير سيد نھال شاهه،فقير اسماعيل ڏيرو،،فقير اجن ڏيرو،فقير ڪمال ،فقير نورمحمد ابڙو جيڪي سائين جا خدمتگار هئا،مائي صالحان تنيو ۽ مائي بواء وساڻ سائين جي حويلي جو ڪم ڪار ڪنديون هيون،

آديسين ادب ، آهي اکڙين ۾
تن جو حسب نسب ناه ڪي، نه اَبا نه اَب
سامين کي سڀين پريئن ، روح ۾ رهيو رب
ري لانگوٽي لب، پاڇي کڻ نه پاڻ سين

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي طريقت جو فقيري نظام اڃان هلي رهيو آهي، سائين جي وڏي اوطاق اصل شڪل ۾ اڃان تائين موجود آهي، جتي فقير پنهنجي مرشد سرڪار جي ويهڻ واري آسڻ جو ديدار ڪندا آهن، وڏي اوطاق جي ڇت جي ڪاٺ جي ڪم جي شڪل به درگاهه شريف جي ڪم جئيان چٽ سالي واري آهي، هن روحانيت واري جڳهه تي پر سڪونيت وارو ماحول آهي، جتي شاهه سائين جا فقير ۽ عقيدتمند ايندا رهندا آهن، هر جمع جي رات ، سھائي سومار رات ، عيد جي ڏينهن وڏي اوطاق ۾ فقير وڏي تعداد ۾ ايندا آهن،فڪر لطيف جا پوئلڳ فقير هيٺائين ، نوڙت ۽ عاجزي سان سڃاتا وڃن ٿا، ٽه سو ساله تاريخ هن وڏ ي اوطاق جي آهي، ڪيترين فقيرن جا قصا پنهنجي اندر ۾ سمايو خاموش آهي، اڄ لطيفي راڳ جا آواز دنيا جي ترقي آفته ملڪن وڃي پهتا آهن، هر دور ۾ انسان امن جي تلاش ڪندو رهندو آهي، اُهو امن اندر جو هجي يا ٻاهر جو هجي، روحاني سڪون جي هن درسگاهه جو ديوارون ڪچيون ضرور آهن پر هتي رهندڙن فقيرن جا قول پڪا هئا، وڏي اوطاق جو ماحول انسان کي روحانيت ڏانهن مائل ڪري ٿو، سنڌ جي پھرين درسگاهه جي ناتي وڏي اوطاق ۾ اڄ به انسان کي انسانيت جو درس ملي ٿو، لطيفي طريقت جو سلسلو جاري آهي .


ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ
هنيون حقيقت هير تون،ماڳ معرفت ماڻ
هوئج ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالھو رهين