واگهين جي ڀٽ
 

هي اُها جڳهه آهي جتي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن عبادت ۽ رياضت ۾ ايترا ته مصروف هئا جو واري سان سندن جسم ڍڪجي ويو ۽ پاڻ کي احساس به نه ٿين ، هي جاءِ سانگهڙ کان ميرپورخاص ڏانهن ويندڙ رستي تي ٽنڊو مٺوخان کان پنج ڪلوميٽر اوڀر جي طرف هڪ مٿانهين واري جي دڙيِ تي موجود آهي. هر جمع جي رات هتي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي مخصوص راڳ جي محفل ٿئي ٿي.