تعارف
 

نالو: حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه.

والد: حضرت سيد حبيب شاهه رحمته الله عليه.

ذات: سيد (ڪاظمي).

جنم: 1102 هه 6 صفر جمعي جي ڏينهن ، ڀئين پور، 18 نومبر 1689ع.

ڀائر : عبداللطيف رحمته الله عليه ، عبدالرشيد رحمته الله عليه.

گهرواري جو نالو: بيبي سلطانه مغل .

اولاد: هڪ پٽ جو اولاد، جنهن ڄمندي وفات ڪئي.

وفات: 1165 هه ، ڀٽ شاهه.

عمر: 63 ورهيه.

لقب: شاهه سائين، شاهه صاحب، شاهه، ڀٽائي گهوٽ، ڀٽ ڌڻي، شاعرن جو سرتاج، عالمي شاعر ، خيرالعالمين وغيره.

صوفي طريقو: قادري (اويسي)
باني طريقه ؛ احديت يعني احد

اثر: : حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت علي ڪرم الله وجهه، حضرت بايزيد بسطامي ابن تعفور رحمته الله عليه، ، حضرت شمس الدين تبريزي رحمته الله عليه، حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو، حضرت مولانا جلال الدين رومي رحمته الله عليه، ،حضرت منصور حلاج رحمته الله عليه،حضرت خواجه فريدالدين عطار رحمته الله عليه ۽ ڪبير ڀڳت وغيره .
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه ٽي ڪتاب هميشه پاڻ سان گڏ رکندا هئا.
1ـ قرآن شريف
2ـ مولانا رومي رحمته الله عليه جي مثنوي
3ـ ڪبير ڀڳت جي شاعري جو ڪتاب.

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو اثر:حضرت سچل سرمست رحمته الله عليه، روحل رحمته الله عليه، بيدل ، عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ٻيا سنڌي شاعر جيڪي شاهه سائين کان پوءِ آهن.

شاعري جي مجموعي جو نالو: حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو رسالو (شاهه جو رسالو).

موسيقي:حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو راڳ (شاهه جو راڳ).

ايجاد: ” دنبورو“ احديت جو ذڪر (روحاني راڳ).


شُجرو مبارڪ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي ولادت باسعادت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو خانداني پس منظر
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي ننڍپڻ جو بيان
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي رهڻي ڪهڻي
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو ديني خيال
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه سائين جن کي راڳ جو شوق
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي شبهي مبارڪ