Sufi Foundation
 


 
تڪيا
 
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن سان تعلق (نسبت) رکندڙ تڪيا جايون

اها انسان جي فطرت آهي ته جنهن انسان سان محبت ۽ عقيدت جو رشتو قائم ٿئي ٿو ته ان سان تعلق رکندڙ هر جاءِ ، شيءَ عقيدت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺي وڃي ٿي . حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه به پنهنجي صوفي شاعري ۽ روحاني سربلندي جي ڪري سنڌ توڙي دنيا جي ماڻهن جي محبوب شخصيت آهن. سنڌ جا ماڻهو خاص طور تي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جا مريد انهن جاين سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت رکن ٿا. جن جو تعلق حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي ذات مبارڪ سان رهيو آهي.