سماع
 

درگاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه دروازي جي اڳيان لوهي ڄاري جو هڪ چوڪنڊو (چبوترو) آهي، انهي ڄاري کي (سهائي سومار) تي ذڪري فقير مچ ٻاري ، راڳائي فقيرن کان اڳ ذڪر شروع ڪندا آهن. ذڪري فقيرن جو ذڪر ڪندڙ به هڪ اڳواڻ هوندو آهي ، هنن مان هڪ فقير شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جا بيت پڙهندو رهندو آهي، ۽ ذڪر وارا فقير ذڪر ڪندا مچ کي ڦرندا رهندا آهن. ڦيرا پورا ڪري درگاهه جي طرف منهن ڪري قادري ذڪر جون تسبيحون پڙهند آهن.


الله هُو        الله هُو        الله هُو        الله هُو

الله            الله            الله                الله

                                         هو            هو            هو            هو الله هو      هو الله هو     هو الله هو


پوءِ دعا گهربي آهي. ذڪر دوران چبوتري جي اوڀر طرف هڪ ننڍڙي دڪي يا چبوترو آهي، جتي گادي نشين ويهي فقيرن جو ذڪر ٻڌندو آهي. اڳواڻ فقير پنهنجي ٽولي ساڻ ڪري واپس وڏي اوطاق تي خاموش ٿي وڃن ٿا


پوءِ رٻ واري ڪوٺي ۾ خاص رٻ پيتي وڃي ٿي . انهن ننڍڙن ٺڪرين جي پيالين ۾ هڪ پيالي لاءِ فقير ٽي يا چار هوندا آهن. هڪ ڍُڪ هڪ فقير پوءِ ٻيو فقير هڪ ڍُڪ پيئندو آهي. گولائي ۾ پيالي گهمندي آهي . پيار ۽ محبت جا رکوالا ، هڪ کان ٻئي سان پيار محبت ونڊين ٿا. پوءِ ورڇ ويرهائبي آهي ، پوءِ سڀ فقير پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿين ٿا


درگاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي پنهنجي خاص سماع جي طريقت آهي. هر مهيني جي پهرئين چنڊ واري سومر جي رات سماع جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، وڏي اوطاق شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي آچر جي شام جو گڏ ٿين ٿا، پوءِ اهي سڀ جا سڀ فقير راڳي هوندا آهن، رات جو نَو بجي (ضرب حلقه) احد جون ضربون هڻندا آهن. انهن فقيرن جو اڳواڻ پهرئين (ها احد) چوندو آهي. ۽ پويان بيٺل فقير ان کي دهرائيندا آهن. پوءِ وري فقير اهو ساڳيو ذڪر ڪندو آهي ۽ پويان بيٺل فقير ڪنڌ پهريل ڪپڙا ، مٿو ٽوپي سان ڍڪيل ، انهي ذڪر (احد) کي ٽي دفعا دهرائيندو آهي. دُعا، انهن فقيرن جو اڳواڻ گهرندو آهي. دعا کانپوءِ فقيرن جي ٽولي (احد) جي ذڪر جون ضربون هڻندي ، اڳواڻ جي سرواڻي ۾ درگاهه جي طرف وڃڻ لڳندي آهي.