راڳ
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي راڳ جو مختصر تعارف
سُر جي معنى، سوز وارو آواز آهي. يعني سُرائتي آواز کي سُر چئبو آهي، جنهن آواز مان سوز نڪري، سهڻي ترتيب ۽ تنظيم وارو آواز يعني سُرگم ستن ڀاڱن ۾ آڻڻ( س ر گ م پ ڌ ن ) هر هڪ کي سُر چئبو آهي.
پهريون سُر (کرج، گهور) کي سُر ڪري سڏجي ٿو. سُر جي ٻي معنى سُر يعني ٺاٺ (Mode) جي مثال آهي راڳ جي سُر ۽ ڳالهه سُر (موضوع) انهي ٻنهي جي سنگم کي سُر سڏجي ٿو.
سُر موضوعاتي موسيقي(Thematic Music) جي برابر آهن.
سُرن جو تعلق موضوع جي ميلاپ سان آهي. جنهن سان سُر ۽ موضوع گڏيل هجن ٿا.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو دنبورو به انهي موضوعاتي سُرن لاءِ ڳايو وڃي ٿو. هن موضوعاتي جي شروعات سومرن جي دور ۾ ٿي.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه واين جا چار قسم آهن.
1ـ ڇيڙ جي وائي:
دنبوري جي تارن کي ڇيڙڻ ، تارن کي وڄائڻ هي وائي دنبوري جي حد بندي کان آزاد هوندي آهي. هي وائي سُر ۾ ڳائبي آهي، مگر هن جو انداز احساسات دل کي لڀائيندڙ ۽ وڻندڙ آهي. راڳي اڳواڻ ڇيڙ جي وائي جا الفاظ چوندو آهي ٻيا راڳائي (ساٿي) اهي انهن الفاظن کي دهرائيندا آهن.
هيٺ ڏنل چار سرن ۾ ڇيڙ جون وايون ناهن باقي سڀني سرن ۾ ڇيڙ جون وايون آهن
*سامونڊي *حسيني *کاهوڙي *آبڙي
۔2۔ دوتالي وائي:
هن وائي جي تال ڏيڍي کان تيز هوندي آهي.
زبان ـ گهور ـ ٽيپ تي ڌڪ لڳن ٿا
واين ۾ آوازن جي سرن لاءِ طريقو ٻن قسمن جو هوندو آهي. هڪ کي گرامر کرج چئبو آهي. ٻيو سڏ جنهن جو آواز مٿين سپتڪ سان يعني ٽيپ سان ملي ٿو. اهو آواز سنهو هوندو آهي. انهي انداز ۾ ڳايل وائي کي دوتالي وائي چئبو آهي
۔3۔ ڏيڍي وائي :
هن وائي جي تال ۾ ٽن تارن کي ڌڪ لڳن ٿا، ڏيڍي وائي جو انداز به دوتالي وائي جيان هوندو آهي. وائي جالفظ تندن تي ڌڪ لڳڻ جي حساب سان آلاپبا آهن. ڏيڍي وائي جو گرامر دوتالي وائي کان گهڻو الڳ هوندو آهي.
زبان ـ خالي ـ ٽيپ ـ گهور تي ڌڪ لڳن ٿا.
۔4۔ ذڪر جي وائي:
هي وائي صرف اڳواڻ ڳائيندو آهي راڳي فقير (ساٿي) اهي صرف الله هو ڪندا آهن. هي وايون ذڪر جون وايون درگاهه تي راڳ کان علاوه ڳايون وينديون آهن. جهڙوڪ مسافري ۾ فجر جي نماز کان اڳ ۾ پڙهي ويندي آهي ۽ انکانپوءِ لطيفي ذڪر ڪيو ويندو آهي. ان ڪري هن وائي کي ذڪر جي وائي چئبو آهي. هي وائي دنبوري کان علاوه به ڳائي سگهجي ٿي.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي راڳ جي شروعات
راڳ جي شروعات ۾ راڳي سڀ کان پهرئين حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي دنبوري کي ٺاهڻ، سُر ۾ ملائين ٿا.وڏي اوطاق تي مقرر وقت تي فقير گڏ ٿيندا آهن ته جيئن هو دنبورو ملائي سگهن، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي ساز کي ملائڻ جي عمل کي هڪ نالو ڏنو ويندوآهي. جنهن کي “ ڪڙي” چئبو آهي.
ان کانپوءِ پيڙهن وارا فقير ، پيڙها ٺاهين ٿا. پيڙها رلين مان ٺهندا آهن، انهن رلِين جي ٺاهڻ کي پيڙها چئبو آهي. پيڙهن وارن فقيرن جي به خاص حاضري هوندي آهي. پيڙهن وارا فقير رَليون کڻي ، درگاهه ڏانهن روانا ٿيندا آهن. جيئن فقير راڳين جي پهچڻ کان اڳ انهن جي ويهڻ جو انتظام ڪن. فقير راڳي جيئن درگاه تي ايندا آهن ته اُهي پهرئين وضوع ڪندا آهن ۽ پوءِ وضوع ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي روضي جي دروازي سامهون، اڌ گول دائري ۾ وڇايل پيڙهين تي اچي ويهندا آهن.
ان کانپوءِ مقرر فقير حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي دنبوري جي تَندَ (زبان تَندَ) جي شروعات ڪندو آهي. تَندَ يعني جيڪو سُر آلاپيو ويندو آهي انهي کي ساز جي يعني دنبوري جي تَندَ زبان تي وڄائيندو آهي. انهي آواز مان ” تون“ ” تون“ جو آواز ايندو آهي ان تَندَ ۾ به سُر وڄائبو آهي. فقيرن جي ٽولي ۾ ٻن کان وڌيڪ فقير راڳ ڳائيندا آهن. مگر تَندَ صرف هڪ فقير وڄائيندو آهي. تَندَ جون ٽي، چار تسبيحون ٿينديون آهن.
تَندَ مڪمل ڪري ساڳيو فقير ” جَهڙ “ وڄائيندو آهي. جَهڙ جي تَندَ به ” تَندَ“ جيان هوندي آهي. مگر هن تَندَ کي سڀ راڳي فقير گڏجي وڄائيندا آهن. هن جَهڙ جي تَندَ ۾ سُر جو آواز ايندو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي راڳ جو رات جو ڳائڻ وارو شروعاتي سُر ڪلياڻ آهي.
روايت مطابق: حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي راڳ ۾ (تَندَ ۽ جَهڙ تَندَ) جي شروعات فقير يعقوب شهيد ڪئي.
جَهڙ جون چار تسبيحون هونديون آهن. ان کانپوءِ اڳواڻ فقير ضرب هڻندو آهي.
ضرب : او هو ميان الله
پوءِ فقير سُر ڪلياڻ جو ڪو به داستان شروع ڪندو آهي ، پهريون بيت ضرب وارو راڳي فقير پڙهندو آهي، سُر ڪلياڻ جي بيت کي سُر لطيفي ۾ پڙهبو آهي. پوءِ انهي پڙهيل بيت جون آخري سٽ هونگاري گرام ۾ چوندو آهي.
راڳ ۾ آواز جا ٻن قسمن جا انداز هوندا آهن. هڪ ” گرام” ڳرو آواز جنهن کي راڳ ڳائڻ جي زبان ۾ (کرج) ” گا“ چئبو آهي. ٻيو آواز” سنهون“ هوندو آهي. انهيءَ هلڪي آواز کي ” سنهون” چئبو آهي.
روايت مطابق: هن سنهي آواز جي شروعات فقير ابراهيم خاصخيلي جي دور ۾ ٿي.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي راڳ جا سُر هيٺ ڏنل ترتيب سان آلاپيا وڃن ٿا.