نشست گاهه
 

هي جاءِ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي حويلي جي ڏاکڻي ڀِت جي ويجهو آهي، پاڻ جڏهن مسجد جي تعمير ۽ سندن والد حضرت سيد حبيب شاهه جي مقبري جو ڪم شروع ڪرايائون ته اتي ويهي ڪم جي نگراني ڪندا هئا. اتي هڪ نم جو وڻ به آهي، پاڻ جڏهن به حويلي کان ٻاهر ايندا هئا ته ان نِم جي ڇانونَ هيٺ ويهندا هئا ۽ ڏندڻ به ان نم جو ڏينداهئا. هن جاءِ کي تاريخي ورثي طور محفوظ ڪيو ويو آهي.