مسافري
 


مسافري جو لفظ سفر مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي، ته هڪ هنڌ کان ٻئي ڏانهن سفرڪرڻ آهي، فقيرن جي طريقت ۾ سفر ڪرڻ کي به فَڪر جو رنگ ڏنو ويو آهي، ڏٺو وڃي ته زندگي به هڪ سفرآهي، جنھن سان صدين جون مسافريون آهن، جڏهن نه انساني جسم هو ، نه روح هو، قرآن مجيد جي هڪ آيت سڳوري جو مفهوم آهي ته اول مالڪ سائين پاڻ هو، آخر به پاڻ آهن، ظاهر به پاڻ آهن،باطن پاڻ آهن، پر روحن کي پوء خلقيو ويو، جڏهن روح خالق اڪبر خلقيا ته حضرت سيد سائين لطيف سرڪار جن فرمايو، اڃان ڪن فيڪون جو سڏ نه ٿيو هو،منهنجو ناتو توسان ان وقت کان وٺي آهي ،

نڪا ڪن فيڪون هئي ، نڪا مورت ماهه
نڪا سُڌ ثواب جي ، نڪو غرض گناهه
هيڪائي هيڪ هئي ، وحدانيت واهه
لکيائين لطيف چئي، ڳجھه اندر جي ڳاهه
اکين ۽ ارواح، اُها ساڃاهه سپرين

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته ،ڪن فيڪون ڪان هئي، نڪو مورت ۽ صورت جوتصور هو، ثواب ۽ گناهه جو اڃان خيال نه هو، الله تعالى جي واحدانيت جي هئي، مالڪ سائين جي هيڪڙائي هئي، ان وقت پنھنجي اندر جي ڳاهه لکيئين، اُها ڳالھه تحرير ڪئين، منھنجي اکين ۾ ته اڃان تائين اُها ساڃاهه آهي، هي راز حقيقي آهي،صدين جو مسافر هي روح انساني جسم ۾ اچي ٿو، ڪيترين تڪليفن سان مھاڏا اٽڪيندو وڃي عالم برزک تائين پھچي ٿو، جتي هميشه جي سڪون واري حالت هوندي يا ته اُتي به زندگي جئيان ڏک ڏولاوا هوندا، اُهو ته سائين مالڪ ڄاڻي ٿو، الغرض فقيرن هن دنيا کي قيدخانو ڪري ڪوٺيو آهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمايو آهي ته

سَتيِن ڏينھن صحي ، ساريم سانڀئيڙن کي
تازي تاسرين ۾ ،پيتيم موڪ مھي
ڪيم رهاڻيون ريلن تي، ٻيرين هيٺ ٻھي
الدنيا قيدالماء وشد من قيدلحديد “، اَها رمز رهي
وڃن لوهه لھي ، ملان ماروڙن کي

سائين جن فرمائين ٿا ته هفتي جو ست راتيون آهن، ستين ڏينهن مارن ساريان ٿي ، جن سان گڏ تاسرين ۾ مھي جا ڍڪ ڀريا هئا، انھن رستن ٻيرين جي وڻن هيٺان ويھي ڪچھريون ڪيون هيون اُهي ياد اچن ٿيون،الله ٿو ڄاڻي هي ٻير جو وڻ جيڪي ٿر ۾آهن يا ته هُن صدرت المنتھى وارو آهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪارجي ڪلام ۾ جيڪي جلوى آهن، انھن بابت هڪ رائي ڏيڻ ، علمي سوڙهه ته ٿي سگهي پر ان کي هوشياري نٿو چئي سگهجي، هن قيدخاني واري رمز هت رهايو آهي، جيڪر لوهه لھي وڃن ته آئون پنھنجي مارن سان وڃي ملاقات ڪريان،شاعري هڪ اهڙي صنف آهي جنهن بابت راء ته ڏيئي سگھو ٿا پر ان بابت حتمي فيصلو ڏيڻ ممڪن ناهي، شاعري ۾ ڪيفيت هوندي آهي ، جنهن شاعر پنھنجي اندر جو حال لفطن ذريعي ٻين تائين پھچائي ٿو، جيڪي جذبن جا اُهڃان هوندا آهن، يا وري سائين ڪٿي فرمائين ٿا ته

قسمت قيدڪياس، نت ڪير اچي ڪوٽ ۾
ونحن اقرب اليه من حبل الوريد،وطن آئون ويندياس
مارن کي ملندياس، ڪوٺين ڇڏي ڪڏهين

قسمت جو ڪم آهي جو هِتي ڪوٽ ۾ اچي رهيو آهيان، منهنجو وطن ته ساهه جي رڳن ۾ آهي، ڪوٺين مان آزادي ڪڏهن ملي ويندي آئون پنھنجي وطن ۾ ماروئڙن سام ملنديس، لطيفي فڪر جو مقام تمام گھڻو اونچو آهي، جنهن جي رسد حاصل ڪرڻ لاء انسان کي اعلى ظرفي اختيار ڪرڻي پوندي نت ڪنهن منزل تائين ڪابه پھچ حاصل ڪري نه سگهندو، مسافري اڪثر لفظ مسافرن لاء استعمال ڪيو ويندوآهي پر اڄ اسان انھن سفرن کان الڳ ڳالھه ڪريون ٿا، جھڙوڪ مسافري لطيفي طريقت جو حصو آهي، هي اُها مسافري آهي جنهن ۾ فقير ٻارهين مهيني سفر تي نڪرندا آهن، هي طريقت جا فقير پنھنجي وڃڻ جو اطلاع اڳ۾ ڏيندا آهن، مھمان ٿي وڃڻ ۽ مسافري واري سفر ۾ ڪافي فرق آهي ، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا فقير ٻه کن ڏاهاڪا اڳ گھوڙن تي سوار ٿي، پر هاڻ هُو مسافري گاڏين ذريعي ڪندا آهن، ذڪر جون ضربون هڻندا مسافري تي نڪرندا هئا، انهن سان دنبورا ساڻ هوندا هئا، جنهن به فقير وٽ رات ترسندا هئا، ان فقير جي در تي وڃڻ کان اڳ ذڪر جون ضربون هڻندا ويندا هئا، لطيفي ويس ۾ ملبوس فقير هر واهڻ ۾ ڄاتل سڃاتل هوندا هئا، اڄ ته دنيا عروج تي پھتل آهي پر اڳ لطيفي طريقت جي سڃاڻپ جو ڪم فقيرن جي ذمي هوندو هو، جيڪي ذاتي طور سائين جي فڪر کي جھرجھنگ پُھچائڻ لاء جان جي بازي لڳائي سائين جي فڪر جي پرچار ڪندا هئا، انهن فقيرن مان هڪ فقير ميئون ڪمال جيڪو تمر فقير جي مسند تي ان کي ڦورن شهر ڪڍڻ لڳ شهيد ڪيو، فقير جي روايت آهي ته پاڻ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏانھن وڃي رهيا هئا ته هي واقعيو پيش آيو، زندگي جا سودا ڪندڙ هي فقير اڄ به پنھنجي مرشد سان ناتو نڀائي رهيا آهن،

هئي هئي ڪري هليا ،آديسي اُٿيا
جوڳين جا جھان ۾ ، خيمان ڪين کُتا
منھن ويڙهي مڙهين ۾ ، سوامي ڪين سُتا
پورب سي پھتا ، ڏئي اوجاڳو اکين

حضرت سيد شاهه سائين جن جو هر رنگ نرالو ۽ دل کي وڻندڙ آهي، لطيفي طريقت جي مسافري ۾ فقير جڏهن دعوت تي ويندا آهن ته ذڪر جون ضرب ميزبان جي در تي ضرور هڻندا آهن، جنھن وٽ رات ترسندا آهن، هڪ ته اچڻ جو اطلاع طور ٻيو ته الله پاڪ نالو وٺڻ جنهن سان برڪت ۽ ڪاميابي جي نشاندهي ڪندا آهن جت به ڌڻي پاڪ جو نالو هوندو اُهي واهڻ به وسندا رهندا آهن، ٻارهن مهينن ۾ هڪ دفعو فقراء سان حال احوال ڪندا آهن، ته ويجھڙائپ جو احساس قائم رهي، رات جو ڪجھه حصو فقير گذاري سمهي رهندا آهن پر ميزبان فقير کي پابند ضرور ڪندا آهن اوهان کي ذڪر واري محفل ۾ ضرور اچڻو آهي، لطيفي ذڪر جو ٽائيم فجر نماز کان پھرين هوندو آهي، تھجد نماز جي ٽآئيم، جنھن به فقير جي ننڊ ڦٽي ته هو ذڪر احديت جي ضرب هڻندو، ”ها احد“ ان مان معلوم ٿيو ته ذڪر جو وقت اچي ويو، فقير وضوع ڪري هڪ ٽولي جي شڪل ۾ ويھي ، هٿ هٿ ۾ ڏئي ، الله هو جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪندا آهن، اڳواڻ فقير ذڪر جي وائي شروعات ڪجھه هن ريت ڪندو ۽ فقير ان کي جواب ڏيندا،


اڳواڻ، پل پل پور پون ٿا،هنئيڙي حوتن ج
پاسڙيا ، الله هو، الله هو، الله هو .

اهڙي ريت وائي جو ٿلھه پوء مصرائون پڙهيون وينديون، هي سلسلو ڪلاڪ کن جاري رهندو، پوء اڳواڻ ۽ فقير الله ،الله ۽ هُو، هُو، جو ذڪر ڪري لطيفي دعا گھرندا آهن، لطيفي دعا ٽن حصن تي مشتمل هوندي، هڪ حصي الله تعالي جي ڪائنات لاء ، ٻيو حضور ڪريم ص جي اُمت لاء ۽ ٽيون حصو لطيفي جماعت ۽ اڳواڻن فقيرن لاء گھربي آهي، هر انسان جي خيريت ۽ امن لاء لطيفي دعا ۾ حصو آهي،انسانن جي جائز خواهشن لاء پڻ دعا گھرندا آهن، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه شريف تي هي دعا جو سلسلو بارگاهه خداوند ۾ ڏينهن رات جاري رهندو آهي، جئين راڳي فقير سهڻي جي دعا، سُر سھڻي جي اختتام تي آڌي رات جو گُھرندا آهن، جنهن کي سهڻي جي دعا چئبو آهي، پوء وري درگاهه شريف دروازي معمور يعني بند ٿيڻ تي ذڪر لطيفي جي هڪ ضرب هڻي دعا ڪنجي بردار فقير دعا گُھرندو آهي، ان کانپوء فقير ماروي جي دعا گھرندا آهن، هي سلسلو ڏينهن جو به جاري رهندو آهي، وقت شام جو مغرب نماز کانپوء حلقي جو ذڪر ڪرڻ مهل لطيفي دعا گهري ويندي آهي، الله تعالى جي حضور هر وقت لطيفي رنگ جا فقير دعا گھرندا آهن، امن جي سڃاڻپ هن درگاهه ۾ فقير مالڪ سائين اڳيان ٻاڏايندا رهندا آهن،


آڏو چڪڻ چاڙهه ، منھنجي موج نه سھي مڪڙي
ميڙي مٺاين جا، بيحد چاڙهيم بار
چوڻ چارو ناهه ڪو، بديون بيشمار
ڪپر ڪارونڀار، اُڪارئين احسان سين

وقت صبوح جو فقير واپسي جو سفر شروع ڪندا آهن، پر ان وقت حلقي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي،
جنھن ۾ فقير اڳواڻ احديت ذڪر ڪرڻ لاء به دستور موجب بيھي ذڪر جي شروعات ڪري ٿو، دعا گھري فقير ٻئي منزل ڏانھن روانا ٿين ٿا،الله جي ولين مالڪ سائين جو نالو هر وستي واهڻ تائين بھترين نموني پھچايو آهي، لطيفي ذڪر جو اندز اهڙو آهي ، جنهن ۾ انسان کي پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ لاء موقعيو ملي ٿو، پنھنجو پاڻ محاسبو ڪرڻ لاء دير نٿو ڪري، حضرت مولانا جلالالدين رومي بلخي جي طريقت ۾( ني ني) نڙ ۽ ان سان گڏ هڪ ڦيري پائڻ کي رومي جي طريقت چيو وڃي ٿو، اهڙي ريت لطيفي ذڪر ، لطيفي راڳ، لطيفي سماع، لطيفي مسافري ، لطيفي حلقو وغيره شامل آهن جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي هي سائين جي فڪر جو حصو آهن، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا فقير پنھنجي مرشد جي ذڪر سان گڏ شريعت جا پابند هوندا آهن.فڪر ۽ فهم جي ڳالھه الڳ آهي، جنھن سان پسڻ پرين جو آهي، سائين جي فقراء جي سادگي ۾ هميشه رهندي آهي۽ پنھنجي مرشد جي طريقت تي قائم آهي.

وچين ويٺا هون، سنجھي رهن سمھي
بک مرند بکيا ، ڪنهن کان ڪين گھرن
پيٽ نه هيريائون پانھنجا، چوري ساڻ چسن
ڦڪي فقيرن ، ماڳيان پِني ماٺ جي