کروت ياننڍي مسجد
 

هتي پهرئين هڪڙو ڪچو چبوترو ٺهيل هو، جنهن کي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن نماز لاءِ استعمال ڪيو، هاڻ اُتي هڪ مسجد آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جڏهن ڪوٽڙي مغل کان ڀٽ ڏانهن آيا ته ڪجهه ڏينهن ان چبوتري جي پاسي ۾ پکا اڏي ويٺا ، ان ڪري انکي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن پهريون آستانو پڻ چيو وڃي ٿو. هي روزي کان اولهه طرف چند قدمن جي فاصلي تي آهي.