لال لئو
 

ڀٽ شاهه کان ڏکڻ مغرب ۾ موجود نيشنل هاءِ وي کان کنڊو وڃڻ واري رستي تي اتر طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سانگرو درياهه وهندو هو، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن ان جي ڪناري تي هڪ چبوترو ٺهرايو هو جتي هڪ لئي جو وڻ به موجود هو، ان کانپوءِ هي جاءِ لال لئي جي نالي سان مشهورٿي، اهو وڻ اڄ به سُڪي وڃڻ باوجود پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. هن چبوتري جي خصوصيت اها هئي ته اهو درياهه جي ڪناري تي هئڻ ڪري، گرمي جي لُڪ واري گرم هوا درياهه جي پاڻي تان گذري ٿڌي ٿي ويندي هئي ۽ ان سان گڏ هڪ گهاٽي ڇانون به هئي ، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن کي هي جاءِ تمام گهڻي پسند هئي ۽ پاڻ خاص ڪري گرمي جي موسم ۾ پنهنجي فقيرن سان گڏ هن جاءِ تي ذڪروفڪر جي محفلون ڪرائيندا هئا.