حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي کُوهي (مسجد)
 

هي مسجد خدا آباد کان ڀٽ شاهه ڏانهن ويندڙ رستي تي ڀٽ شاهه کان ٽي ڪلوميٽر پري مغرب ۾ موجود آهي ، هن مسجد سان گڏ هڪ وڏو کُوهه به آهي. جيڪو ڪلهوڙي حڪمران کوٽرايو هو۽ هاڻ اهو استعمال جي قابل نه آهي . هن مسجد ۾ به حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن پنهنجن فقيرن سان گڏ ڪجهه ڏينهن قيام ڪيو ۽ ذڪر اذڪار جون محفلون سجايون.