Sufi Foundation
 


 
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو ڪنڊو
 

هي جاءِ ڀٽ شاهه شهر کان اتر طرف تي ڀٽ شاهه ــ ٽنڊوآدم روڊ تي واقع آهي . جتي هڪ مويشين جو واڙو هو، جنهن ۾ بلوچستان جي علائقي ڀاڳ ناڙي جون خاص نسل جون ڍڳيون به رکيل هيون ، جيڪي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن کي پسند هيون. پاڻ اڪثر هتي پاليل جانورن جي سار سنڀال لاءِ ايندا هئا.