حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو حُجرومبارڪ
 

هي حُجرو مبارڪ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي مزار شريف جي اتر ۾ ٽي سئو ميٽر جي مفاصلي تي آهي ، پاڻ زندگي جا آخري ڏينهن اتي گذاريائون ۽ سندن وصال به اتي ئي ٿيو. ان حُجري جي چارئي طرف قبرستان آهي جنهن ۾ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي فقيرن ۽ مريدن جون مزارون ۽ مقبرا آهن.