Sufi Foundation
 


 
حلقو
 

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي حياتي ۾ شروع ٿيو. مغرب نماز کانپوءِ فقير جمع ٿي ذڪر ڪندا هئا. هي سلسلو جاري آهي. فرق صرف ايترو آهي جو اڳي درويش گول دائري ۾ ذڪر ڪندا هئا. هاڻ سڀ فقير درگاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه ڏانهن منهن ڪري بيهي ذڪر ڪندا آهن. ڇو ته هي تبديلي ان ڪري آئي ته ڪجهه فقيرن جي پٺ درگاهه ڏانهن پي ٿي جنهن ڪري اڌ دائري جي تبديلي آندائون. هالانڪي درگاهه جي احترام خاطر ٿوري تبديلي ڪئي ويئي. هن طريقي جي ذڪر کي حلقو چئبو آهي. هن ذڪر جي اڳواڻي درگاهه جو ڪنجي بردار فقير ڪندو آهي.ذڪر ۾ الله هُو   الله هُو جون ضربون لڳنديون آهن. ذڪر ۽ دعا کانپوءِ ونڊ يا تبرڪ تقسيم ٿيندو آهي.