Sufi Foundation
 


 
ڌمال يا نوبت
 

ڌمال يا نوبت حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي درگاهه جي رسم آهي ، هي رسم سائين جا ڪجهه فقير ادا ڪندا آهن، جن کي گرناري فقير چئبو آهي . مير عبدالحسين سانگي ”لطائف لطيفي“ ۾ لکي ٿو ته رياست جيسلمير جي راجا ڀيم سنگهه درگاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه لاءِ نغارن جو جوڙو ۽ وڄائڻ وارا ماهر ٻه خاندان موڪليا. جيڪي مڱڻهار چورائن ٿا. انهن جو تعلق گرنار سان هو ”گرناري فقير“ چورائيندا آهن. هي خاندان نسل در نسل پنهنجي فرض جي ادائگي ڪندو اچي ٿو. ماضي قريب ۾ فقير عثمان ۽ فقير فيضو هن خاندان جا باڪمال فنڪار ٿي گذريا آهن.
ڌمال جي لاءِ مغرب کانپوءِ وقت مقرر آهي ، نوبت خانو درگاهه جي سامهون هڪ اوچي جاءِ تي مقرر آهي، معمول کانسواءِ خاص موقعن تي به نوبت وڄندي آهي، مثلن عيدالفطر ۽ عيدالعضحى، سورهين صفر جي موقعي تي جڏهن گادي نشيد درگاهه تي ايندو آهي ته نوبت وڄائي ويندي آهي . جمعرات عشاء نماز کانپوءِ نوبت وڄندي آهي. ان کان علاوه سيدن جي خاندان ۾ٻار ڄمڻ جي موقعي تي نوبت وڄائي ويندي آهي.