Sufi Foundation
 


 
ڌاڳن جي رسم
 

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو وصال 14 صفر 1165 هه ۾ ٿيو. ان وقت کان پوءِ اڄ تائين ٽي روزا عرس جي تقريب ٿيندي آهي ، سورهن صفر تي آخري تقريب ۾ سجاده نشين حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جا ڪپڙا پائي دعا گهرندو آهي. جنهن ۾ عقيدتمند خاص خليفوتمر فقير جو ۽ درگاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو گادي نشين هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندو آهي. فقير سماع وارو ذڪر ادا ڪندا آهن . ڌمال وڄندي آهي هن رسم سان اختتام عرس جو اعلان ٿيندو آهي.